سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

الهداد جهنجهي

الهداد جهنجهي: سگهڙ حاجي الهداد ولد حافظ ميگهه جهنجهي، پهرين جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ جنجهي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا بيت ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاهه جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاهه جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاهه جي ڄاڻن وٽان زباني شاهه جاا بيت گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاهه لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاهه جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇهه هزار بيت جمع ٿيل آهن. اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.الهداد جهنجهي 22 اپريل 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.07.01  عيسوي

الهداد جهنجهي ، پهرين جولاءِ 1928ع تي پيدا ٿيو


2015.04.22  عيسوي

الهداد جهنجهي 22 اپريل 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابولهب
خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
ڏَيو ڏنارام
صاحب بن عبدالرحمان
ڄام ابراهيم سمو
توخته بيگ
ڌڻي بخش مهر مولانا
طالش
ڀليڏنو کٽي
رضوي سيد غلام شبير شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون